Saturday, March 30, 2019

A study of Alliteration in Molvi Ahmed Mallah’s poetry





ڊاڪٽر الطاف جوکيو
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس حرفيءَ جو تحقيقي جائزو
(A study of Alliteration in Molvi Ahmed Mallah’s poetry)
Abstract:
There is extraordinary display of ‘figures of speech’ when we come across to evaluate Molvi Ahmed Mallah’s Sindhi poetry. No doubt, Molvi Ahmed Mallah, the great Sindhi Poet, is expert of both Classical Hindhi/ Sindhi Prosody and the Arabic Prosody. Lyrical translation of Quran Majeed named ‘Noor ul Quran’ and his mixed poetry named ‘Kulyat Ahmed’ are his best pieces of literally work in the light of different type of prosody. He has composed masterpiece Verses (Bait) and Kafi as well as Odes (Gazal) and lyrical poems.
 His poetry is rich and unmatchable regarding usage of the Alliteration which is a literary technique of using words in prose or poetry all having same first letter/sound. He is famously known as the king of the Alliteration (Tajnees Harfi) whose famous forms are: Tajnees Taam, Tajnees Naqis, Tajnees Mazeel, Tajnees Murakib, Tajnees Qalb etc.
We come to believe that he possessed inborn quality of using Alliteration, when we read and analyze each and every line of his poetry. Each line of his poetry contains strong, and sometimes weak, form of Alliteration.
This paper is simply the data collection of Alliteration in Molvi Ahmed Mallah’s match-to-nothing poetry. All data collected herein proves Molvi Ahmed Mallah as ‘King of the Alliteration’ in Sindhi poetry.
·       اڀياس جو پس منظر
صنايع بدايع جي روشنيءَ ۾ مولوي احمد ملاح جي شاعري جيڪڏهن تجنيسن ۽ صنعتن جي حرفتن سان جاچيو ويندو ته ان اندر ڪيئي ڪاريگريون نوان رستا ڪڍي بيهن ٿيون. عام طور مولوي صاحب کي، سندس شاعريءَ جي نسبت،  تجنيس حرفيءَ جو شهنشاه ڪوٺيو ويندو آهي؛ ان ڪارڻ ته سندس پوري شاعريءَ جي سٽر سٽر ۾ تجنيس حرفيءَ جو سگهارو يا ڪمزور مثال ضرور ملندو. يعني اها علت سندس شاعريءَ جي مزاج ۾ شامل رهي آهي.
مون ادنى کي مولوي صاحب تي حال سارو ڪم ڪرڻ جو اتساه اسسٽنٽ پروفيسر ضرار رستماڻيءَ کان حاصل رهيو. صاحب موصوف، مولوي صاحب جي شاعريءَ جو اهڙو ته حافظ آهي، جو ڪوبه لفظ کڻندا آهيون ته مولوي صاحب جو  شعر ٻڌائي وٺندو آهي. سندس اڪثر ڪچهريءَ ۾ مولوي صاحب جا ضرب المثال شعر ضرور شامل هوندا آهن. کانئس مولوي صاحب جا اهڙا شعر ٻڌي واقعي لڳندو آهي ته مولوي صاحب، تجنيس حرفيءَ جو شهنشاه آهي. لفظن ۽ ترڪيبن جو اهڙو استعمال سندس شاعريءَ ۾ ٻين تجنيسن کان سرس آهي. تجنيس حرفيءَ مان مراد ڪنهن شعر يا شعري سٽر جو هر لفظ ساڳئي حرف/ اکر سان شروع ٿيندو هجي.
ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاه پنهنجي ٿيسز ۾ تجنيس حرفيءَ ۽ خطيءَ کي ساڳي صنعت ڄاڻائيندي لکي ٿي ته: ”تجنيس حرفي يا خطي: جيڪڏهن ڪنهن جملي يا مصرع ۾ ساڳئي حرف سان شروع ٿيندڙ لفظن جو استعمال ٿئي ته اهڙي لفظي تڪرار واري صنعت، تجنيس حرفي يا خطي سڏبي. شاه لطيف جي ڪلام ۾ هن صنعت جو تمام گهڻو استعمال ٿيو آهي. هن جي ڪري شعر جي ترنم ۾ به واڌارو ٿئي ٿو. شاه سائينءَ جي سر ڪلياڻ جو پهريون بيت آهي:
اول الله عليم، اعلى عالم جو ڌڻي،
قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آهي قديم،
والي واحد وحدهٗ، رازق رب رحيم،
سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جي.
هت پنجن ئي مصرعن ۾ جدا جدا اکرن سان شروع ٿيندڙ لفظن جو مڪرر استعمال ٿيو. پهرين مصرع ۾ ’الف‘ ۽ ’ع‘ (ساڳئي آواز جو)، ٻي مصرع ۾ ’ق‘ جو، ٽين مصرع ۾ ’و‘ ۽ ’ر‘ جو، چوٿين ۾ ’س‘ ۽ ’ح‘ جو ۽ پنجين مصرع ۾ ’ڪ‘ ۽ ’ج‘ سان شروع ٿيندڙ لفظن جو تڪراري استعمال ٿيو.“ (ڪلثوم، 2004: 22-23)
ڊاڪٽر صاحبه صنعت حرفيءَ جي وضاحت مناسب ڪئي آهي، البت ’حرفي ۽ خطي‘ کي ساڳي صنعت ڪوٺيو آهي، جن جي پاڻ ۾ ڪابه ويجهڙائپ ناهي. ’تجنيس حرفي ۽ خطيءَ‘ جي دائرن ۾ ’تجنيس تام ۽ ناقص‘ کان به وڌيڪ وڇوٽي آهي.
حالانڪ تجنيس حرفي اهڙي حرفت آهي، جيڪا ٻين تجنيسن جي ماءُ پڻ تصور ڪري سگهجي ٿي، جيئن: تام، ناقص، مطرف وغيره ۽ اهڙيون تجنيسون جن جا لفظ ڀيٽ جي بنياد تي پهريون اکر ساڳيو رکنديون هجن. تجنيس خطي به ’تجنيس حرفيءَ‘ جو جز تصور ڪري سگهجي ٿو، سو به ان صورت ۾ جڏهن پهريون اکر ساڳيو هجي، جيئن: ’ڪات ۽ ڪاٺ‘؛ ليڪن جڏهن پهريون اکر ئي تبديل ٿي وڃي ته ان صورت ۾ ’تجنيس خطيءَ‘ کي تجنيس حرفيءَ جو جز نه ٿو تصور ڪري سگهجي. فرض ڪريو ته ’تجنيس خطي‘ جي نسبت ڪن به ٻن لفظن جا پهريان اکر تبديل هجن ته ان کي آواز جي بنياد تي تجنيس حرفيءَ جو جز نه ٿو تصور ڪري سگهجي، جيئن: تخت ۽ بخت.
ظفر عباسي ’تجنيس حرفيِءَ‘ جي دائري  بابت لکي ٿو ته: ”اها تجنيس جنهن ۾ ڪيترا لفظ اهڙا  هجن جن جو پهريون حرف ساڳيو هجي، اهڙي تجنيس حرفيءَ کي ’سر حرفي‘ به چيو ويندو آهي. مثال:
’ساهڙ سا سهڻي، سائر پڻ سوئي،
آهه نجوئي، ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙي.
...
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
                                هوندا سي حيات، جيئڻان اڳي جي جئا....“ (ظفر، 2007: 409)
ظفر عباسيءَ تجنيس حرفيءَ کي ’خطيءَ‘ سان ڪونه گڏايو آهي، ليڪن ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاه بغير ڪنهن حوالي ۽ تحقيق جي ’تجنيس حرفيءَ ۽ خطيءَ‘ کي ساڳي صنعت ڪري پيش ڪيو آهي. هڪ ’تحقيقي مقالي‘ ۾ ’تجنيس حرفي ۽ خطي‘ جي ساڳئي هجڻ واري ڳالهه سبب مونجهارو آڏو آيو آهي.
·       مسئلي جا سوال
s   ڇا تجنيس حرفي ۽ خطي، ساڳي تجنيس جو نالو آهي؟
s   ڇا حرف ۽ خط لفظن جي بنيادي معنائن ۾ ڪا ويجهڙائپ آهي؟
s   ڇا مولوي احمد جي شاعريءَ ۾ تجنيس حرفيءَ جو مقدار جهجهو آهي، جو کيس تجنيس حرفيءَ جو شهنشاه ڪوٺيو وڃي ٿو؟
·       اڀياس جو عمل
ڄاڻايل سوالن جي روشنيءَ ۾ تجنيس حرفي ۽ خطيءَ جي بنيادن کي لغتن جي روشنيءَ ۾ لغوي ۽ سماجي معنى پرکجي ٿي:
·       عالمن ۽ لغتن جي روشنيءَ ۾ ’حرف ۽ خط‘ جو اڀياس
·        پروفيسر ڀيرومل موجب: ”حرف جي بنيادي معنى آهي ’ڪنارو‘ يا ’پاسو‘. اهو پاسو پاسي سان (حرف حرف سان) ملائجي ٿو ته لفظ ٺھن ٿا.“ (ڀيرومل، 1985: 16)
·        مرزا قليچ بيگ موجب: ”حرف جي لفظي معنى آهي ڪنارو يا طرف يعني لفظ جو تمام ننڍو حصو يا ڪنڊ. انهن کي ڪيترن ئي قسمن ۽ صورتن ۾ ورهايئون ۽ انهن مان جدا جدا ڪم ڪڍيائون.“  (قليچ، 2006: 69) 
فيروز اللغات (عربي- اردو) موجب لفظ ’حرف‘ جي هيٺين معنى مراد حاصل ٿي آهي:
ü     حَرف (حَرَفَ = هن هٽائي ڇڏيو، هن منھن موڙي ڇڏيو) هٽائڻ، منھن موڙڻ.
ü     حَرَّفَ = (ڪتاب يا ڳالهه) بدلائڻ- قلم جو قط پاسيرو ڪٽڻ- جهڪائڻ- ڪنارو ٺاهڻ.
ü     حَرف جمع حِرَف = ڪنارو، انتھا، حاشيو.
ü     حَرف جمع حُروف = آئيويٽا جو هڪ حرف- وياڪرڻ ۾ اٺن لفظن مان ٽن قسمن لاءِ ڪم ايندڙ.
·        فيروز اللغات (عربي- اردو) موجب لفظ ’خط‘ جي هيٺين معنى مراد حاصل ٿي آهي:
ü     خَطَّ = هن ليڪ ڪڍي، هن لکيو. لکڻي، لکيل صورت وغيره.
خط لفظ لکڻ جي معنى ڪم ايندڙ لفظ آهي، سنڌيءَ ۾ ڪم ايندڙ لفظ ’صورتخطي‘ مان مراد به ’لکت جي مقرر صورت‘ آهي، جيڪا يڪسان طور مقرر ڪئي ويندي آهي.
تجنيس خطيءَ مان مراد اهڙا ٻه يا وڌيڪ لفظ جيڪي ڀيٽ جي حالت ۾ ساڳي صورت رکندا هجن؛ بيشڪ، انهن جي وچ ۾ ٽٻڪن جو فرق ٿي سگهي ٿو، جيئن: عرض ۽ غرض. ڄاڻايل لفظن جي لکت واري صورت ساڳي آهي، ليڪن ٽٻڪن ۾ فرق آهي. ان اهڙي حالت کي ’تجنيس خطيءَ‘ ۾ شامل ڪيو ويندو آهي.
تجنيس حرفيءَ بابت ظفر عباسي ۽ ڊاڪٽر ام ڪلثوم جو دائرو مناسب آهي، البت ڊاڪٽر صاحبه جو خطيءَ بابت خيال جعلي آهي. سنڌي توڻي ٻين عربي رسم الخط ۾ لکجندڙ ٻولين وٽ ’حرفي ۽ خطي ساڳي تجنيس‘ هجڻ وارو اهڙو خام خيال نه ٿو ملي.
مرزا قليچ بيگ تجنيس خطيءَ بابت واضح ڪري ٿو ته: ”تجنيس خط: هن کي ’تصحيف‘ ۽ ’مشابہ‘ به چوندا آهن. هن ۾ رڳو لفظ اهڙا ڪم ٿا اچن، جن جي صورت ۾ يعني لکڻ ۾ هڪجهڙا آهن، رڳو لفظن ۾ يعني پڙهڻ ۾ مختلف آهن.
رات ’تاريڪ‘، راهه ٿي ’باريڪ‘،
مور ’ناتين‘ کي نه هو ’تاتين‘،
’دشت ۾ ’دست‘ ان جو ڪونه وٺي،
هن کي ’تاڙين‘ پر نه ٿا ’تارين‘.

’عيادت‘ شڪل ۾ آهي ’عبادت‘،
مگر اٺ ڀيرا ان کان ٿي زيادت.
                                                                                (مرزا، 2016: 99)
ظفر عباسيءَ پڻ ساڳي عبارت اتاري ۽ مثال به ساڳيا چونڊي ڏنا آهن. (ظفر، 415: 2007) يعني ’تاريڪ- باريڪ‘ ۽ ’عيادت- عبادت‘ جي لکڻ جي نسبت اکر جا گهر ساڳيا آهن، ليڪن ٽٻڪن ۾ فرق آهي. ڄاڻايل مثالن ۾ ٻيون مثال: ’عيادت- عبادت‘ تجنيس خطيءَ جو آهي، ليڪن پهرين اکر/ آواز جي نسبت ان کي ’تجنيس حرفيءَ‘ جو جز به تصور ڪري سگهجي ٿو؛ ليڪن تجنيس خطيءَ جي پهرين مثال: ’تاريڪ- باريڪ‘ کي پهرين اکر/ آواز جي تبديليءَ سبب ’تجنيس حرفيءَ‘ جو جز نه ٿو تصور ڪري سگهجي.
مٿين مثالن بعد اچرج وٺي ٿي ته جڏهن ’تجنيس حرفي ۽ خطي‘ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي ته پوءِ ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاه پاران ’تحقيقي مقالي‘ ۾ اصطلاح (Terms) جي پيراميٽر بابت اهڙي گمراه ڪندڙ ڳالهه ڪيئن ڪئي وئي!
مبادا انگريزي اصطلاح Alliteration مان اهڙو خيال جڙيو هجيس ته ’تجنيس حرفي ۽ خطي‘ ڳالهه ساڳي آهي. اهو تڏهن ٿو چئجي ته جڏهن ’تجنيس خطي‘ جو انگريزي ترجمي لاءِ گوگل سرچ انجن ڪم آڻجي ٿي ته Alliteration سان ’سه حرفي ۽ تجنيس خطي‘ جو ترجمو ملي ٿو، ليڪن وضاحت ۾ ساڳي انگريزي ’ايليٽريشن‘ جا مثال آهن، جيڪي خطيءَ جي دائري سان بنهه نه ٿا ٺهڪن.
·       تجنيس حرفيءَ جو اشتقاق
واضح هئڻ گهرجي ته ’تجنيس حرفي ۽ خطي‘ ٻه الڳ ۽ وٿي رکندڙ اصطلاح آهن. تجنيس حرفيءَ جو اشتقاق هيٺين ريت رکجي ٿو:
تجنيس حرفي:   [ تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + حرفي (اکري) ] علم بيان موجب ڪنهن شعر جو هر لفظ ساڳئي حرف/ اکر سان ڪم آڻڻ، جيئن:
دولتون، دانائيون، دنيا، دوائون، دان، دين،
در مٿان دادار ڏئي ٿو، هر مهل جيڪي مَڱو.
(ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون: 84)
(ڄاڻايل ’حمد‘ جي هڪ شعر ۾ مولوي صاحب مٿين سٽر ۾ هر لفظ ’د‘ سان شروع ٿيندڙ ڪم آندو آهي، جڏهن ته هيٺين سٽر ۾ به ٻه لفظ ڪم آڻي ويو آهي. اهڙي انداز سان تجنيس حرفيءَ واري حرفت سان سندس پورو ’حمد‘ چيل آهي.)
·       تجنيس حرفيءَ جو دائرو
علمي حوالي سان ته اهو خيال بيهي ٿو ته جڏهن تجنيس حرفي سڏجي ٿي ته ان مان مراد حرف/ اکر آهي. يعني جيڪڏهن ڪنهن سٽر ۾ ’ص‘ سان شروع ٿيندڙ لفظ ڪم آڻڻا هجن ته ان صورت ۾ ’س‘ جو اکر، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ص‘ جو هم آواز آهي، استعمال ڪرڻ سان شعر جو عيب ظاهر ٿيندو. مولوي صاحب جتي تجنيس حرفي ڪم آڻي ٿو ته ساڳئي آواز (ا- ع، ت- ط، خ- ک، ث- س- ص وغيره) وارن اکرن کي ڪم نه ٿو آڻي، بلڪ ’خ‘ جو آواز آهي ته ’خ‘ سان ايندڙ لفظ ئي ڪم آڻي ٿو، ’ک‘ جو استعمال کان پاسو ڪري ٿو:
’خي‘ خليفا خاص ٿيا، خيرُ الوَرى جا خير خواه،
خوش لقا، خوش خُلق، خوش گفتار، خوشتر چار يار.
(ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون: 281)
آءُ اَجها، اوجر اکين جا، لاهِه اوجهر اوجهرا،
ڏِس اِجهو تو ري اُجهن پيا، مَنجهه اَجهورن اوجهه اوجهه.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 191)
وَس ٿيئِي، واسِي وَريا، واسيا وَليَن، وَڻ ٽِڻ، وَلهار،
ٻُوهه ٻَهڪن، ٽُوهه ٽاريون، واهه قُدرت رب ڪريم.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 359)
مٺا محبوب، مِل مينون، ملڻ ڪَڻ مين ته هان مَردا،
پري پيڪر، نه پردي ڪَر،نهين پَريان دي پَر پردا.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون: 29)
ٿيوان قربان قدمان تون، ڪڏانهن جاني قدم ڏيندا،
بنا دلدار دي ديدار، هي دلگير دم ڏيندا.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون: 30)
ڪَٽاريَن سان ڪَٽڪ چاڙهي، ڪجن سِر نفس جي ڪاهون،
وٺي دِيميون ٻيا دشمن، دوناليَن سان دسيا ته به ڇا.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون: 42)
اَسان ڪُن ۾ ڪَلر ڪاري، ڪَندا پيا  هِت  ڪَڪر ڪارُون،
ڀَريو ٿَر بَر مَٿي باران، بارو بار پيا ايندا.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون: 44)
·       غزل ۾ تجنيس حرفي
مولوي صاحب تجنيس حرفيءَ جي حرفت تي ايتري ته گرفت رکندو هيو، جو سندس هر قسم جي نظم يا غزل جي ڪنهن نه ڪنهن سٽر ۾ حرفيءَ جا ٿورا ٿڪا مثال لازمي هوندا. سندس ٻه غزل خيال خاطر پيش ڪجي ٿو، جنهن جي سٽر سٽر ۾ حرفيءَ واري حرفت ضرور هوندي:
تار تَند تَن مَن ۾ تُون تُون، تُون ته تُون تُون، تُون لڳي،
لال لالڻ ساڻ لُون لُون، لُون ته لُون لُون، لُون لڳي.
دم دَريچي مان بيهي، ديدار دلبر جو ڪيَم،
تان هَڪل هر پار هُون هُون، هُون ته هُون هُون، هُون لڳي.
مون چيَس چُمني کَپي، اي نُر نيڻن، نُون ري،
تان اڳيان انڪار اُون اُون، اُون ته اُون اُون، اُون لڳي.
مون ڪي جيئريون جاڳنديون، جَلنديون جبل پاسي ڏٺيون،
منجهه ڇَپر ڇُونڇاٽ ڇُون ڇُون، ڇُون ته ڇُون ڇُون، ڇُون لڳي.
دوست، تنهنجا ديد دلڙيون، ٿا جري وانگر جهَٽين،
چوٽ سان چوڌار چُون چُون، چُون ته چُون چُون، چُون لڳي.
روح منهنجو روز راڻا، راڄ تنهنجي ۾ رَهي،
ڀَونر جيئن منجهه باغ ڀُون ڀُون، ڀُون ته ڀُون ڀُون، ڀُون لڳي.
قَلب ’احمد‘ ڪينرو ٿيو، قرب اَهنجي ۾ قريبَ،
روز رُڻ رُڻ راڳ رُون رُون، رون ته رُون رُون، رُون لڳي.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون: 564)
’روز رُڻ رڻُ راڳ رُون رُون...‘ تجنيس حرفي کان علاوه قافيي وارو لفظ ڇهه دفعا ڪم آڻي، لفظن ۾ عجيب ڪيفيتون ۽ ترنم سمايو اٿس. اهڙا لفظ جن کي شايد لغت ۾ به جاءِ نه ملي سگهي، ليڪن مولوي صاحب تجنيس حرفيءَ جي دائري ۾ اهڙن لفظن کان قافيي جو ڪم وٺي، ٻوليءَ جي لفظن کي تحفظ ڏنو آهي.
سڄڻَ، توکان سوا سَنڌ سَنڌ، سَٽ سَٽ سُور جا سَٽڪا،
ڦَٽي ڦوڙاءِ ڦوڙي دل، اُڦٽ ڦَٽ، ڦَٽ مٿي ڦَٽڪا.
بچائي بت بچايان ڪيئن، بچي شل، باز بحريءَ کان،
جُري جيئن جيءُ جهٽي جهٽ پٽ، اکيون جهٽ جهٽ هڻن جهَٽڪا.
ڌَڙا ڌَڙ ڌار سِر ڌَڙ کان، دوناليون دُور ڌَڪ ڌَڪ ۾،
سِسيون پَٽجو ڪِرن پَٽ تي، نِپٽ پَٽ جا به پَٽ پٽڪا.
مِٺا، مُنهن مهر مان ڏيکار، وُٺڙا مينهن موهر تي،
چَرن چالون چِلڙ چيها، ڇَلا ڇَل بوند ڏي ڇَٽڪا.
ڌڪارين دوست، ڇو دم دم، قدم تي دَم سندم پڄندم،
لَتن ۾ لاش هيءُ لاشڪ، وڻئي لَٽ، لوڙهه يا لَٽڪا.
سدا منهنجون صدائون ڪنهن سَڌر سُلطان جي دَر تي،
ڀَلين ڀَٽڪي ڀٽن ۾ ڀَٽ، ڀلا لاهن ڀَٽن ڀَٽڪا.
سڄڻ هو سج لٿي اچڻو، لٿو سج، ٻيو به سج اڀريو،
اڃا ’احمد‘ نه اوڏيءَ ۾، الا ڪهڙي پيَن اٽڪا.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون: 65)
مٿئين غزل جي سٽر سٽر ۾ ’تجنيس حرفيءَ‘ جا نمونا ملن ٿا، جيئن: پهرين سٽر ۾ ’س‘ جو استعمال: سڄڻَ، توکان سوا سَنڌ سَنڌ، سَٽ سَٽ سُور جا سَٽڪا ۽ ٻين سٽر ۾ ’ڦ‘ جو استعمال: ڦَٽي ڦوڙاءِ ڦوڙي دل، اُڦٽ ڦَٽ، ڦَٽ مٿي ڦَٽڪا، وغيره.
·       نظم ۾ تجنيس حرفيءَ جو مثال
حِشمتي هوشيار حاڪِم، حِڪمتي حاذِق حَڪيم،
هِت ڇَڏي هَستيون هَوَس، حَيران سَڀ ويا خاڪ ٿي.
مُورتون مرجان موتي، موڪ ماڙيَن سِر مَڙهيون،
مَهل ڪا محلن ۾ هُئا مِهمان، سَڀ ويا خاڪ ٿي.
مَئي پياڪُو مَست ٿيو نِت مَجلسون لايون مُدام،
مِڙ اڃا موٽيا مَنجهان مَيخان، سَڀ ويا خاڪ ٿي.
سَرزمين سَرداد سَر، سَروَر سَراسر شقرفراز،
سُنهن ڀَريا ساهُو سَٻر، سُلطان سَڀ ويا خاڪ ٿي.
ساز سونا نِت سَنڀاريو، سِر سَمندن ٿيا سَوار،
سي سَٽي سُڃ ۾ سَڀئي، سَروان سَڀ ويا خاڪ ٿي.
سونُ سانڍيو سيڄ سِر، سُک ٿيو سُتا ساري ڄمار،
سي ڇَڏي سَودا سَلف سامان، سَڀ ويا خاڪ ٿي.
سانگ سُڃ رُڃ سُور سامهان، ويا سَفر سُورهه سُڄاڻ،
سَربسر ساري سَڏيا سُبحان، سَڀ ويا خاڪ ٿي.
(ڀاڱو پهريون- 393، 392)
مولوي صاحب جي هڪ نظم ’سڀ ويا خاڪ ٿي‘ جو ڪجهه حصو خيال خاطر پيش آهي، جنهن ۾ پڻ ’تجنيس حرفيءَ‘ جي نسبت سٽرون ڪم آندل آهن، جيئن آخر ۾ ’س‘ جو جهجهو استعمال ڪيل آهي: سانگ سُڃ رُڃ سُور سامهان، ويا سَفر سُورهه سُڄاڻ، سَربسر ساري سَڏيا سُبحان، سَڀ ويا خاڪ ٿي.
·       حمديه ڪلام ۾ تجنيس حرفي
سندس هڪ حمديه ڪلام ۾ به تجنيس حرفيءَ جي حرفت به زبردنگ آهي، جنهن جا چند شعر رکجن ٿا:
عقل، عبرت، عاقبت ۽ عَفو، عزت، عافيت،
اُو اڙين آڌار ڏئي ٿو، هر مهل جيڪي مَڱو.
دولتون، دانائيون، دنيا، دوائون، دان، دِين،
دَر مٿان دادار ڏئي ٿو، هر مهل جيڪي مَڱو.
مِهر، مددُون ۽ معافيون، ماڳ، ماڙيون، مِلڪ، مال،
نعمتون نروار ڏئي ٿو، هر مهل جيڪي مڱو.
خيريت خيرات خوش طبعي خوشي خوشبوءِ خير،
امن ۽ آڌار ڏئي ٿو، هر مهل جيڪي مَڱو.
زور، زَر، زينت، زمينون، زال، زن، زيور، زريون،
شان شاهوڪار ڏئي ٿو، هر مهل جيڪي مَڱو.
پَٽ، پَٽوريون، کير، پُٽ، پوکون، پَليون، پاڻي، پَلر،
پاڻ پالڻهار ڏئي ٿو، هر مهل جيڪي مڱو.
ٻار، ٻارا، ٻج، ٻَنيون، سُڌ ٻُڌ، ٻُڌڻ، ٻاجهون ٻيون،
گل چمن، گلزار ڏئي ٿو، هر مهل جيڪي مڱو.
(ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون: 84- 85)

·       ٽيهه اکريءَ ۾ تجنيس حرفي
ٽيهه اکري ته صنف ئي اهڙي آهي، جنهن جو هرهڪ بند ترتيبوار مخصوص حرف/ اکر سان شروع ٿيندو آهي. تمام گهٽ اهڙا شاعر هوندا، جن ڪنهن به حرف سان شروع ٿيندڙ بند جون سڀ سٽرون ساڳئي حرف جي دائري ۾ رهي ڪري ’تجنيس حرفيءَ‘ جو خيال رکيو هجي. فرض ڪريو ته ٽيهه اکريءَ جو بند، حرف ’الف‘ سان آهي، ته پوري بند جا لفظ ساڳئي حرف سان شروع ٿيندڙ ڪم آندا ويا هوندا، جيئن:
’الف‘ اَڪمل اولياءَ، اَخيار اطهر چار يار،
اول و آخر اَجها، آڌار انور چار يار.
’بي‘ بشيرن کي بشارت بهشت جي بيشڪ جُڙي،
بَر بحر ۾ بخش ڪن، بِسيار بهتر چار يار.
’تي‘ تجلا تخت تي، ڪن تاج پايو تاجدار،
ترت تاريندم تُرها، تهدل تونگر چار يار.
’ثي‘ ثنا ثقلين ڪن، ثابت ثوابن لئي سندن،
ثاني اثنَين سڻ ثنا، سڀ وار صابر چار يار.
’جيم‘ جانب يار جاني، جيءَ جَڙيا، جيَ جا جيارَ،
جنتُ الماوى سندا، جنسار جوهر چار يار.
’حي‘ حڪومتدار حاڪم، حڪمتي حاذق حڪيم،
حشر ڏينهن حامي، حمايتدار حاضر چار يار.
’خي‘ خليفا خاص ٿيا، خيرُ الوَرى جا خير خواه،
خوش لقا، خوش خُلق، خوش گفتار، خوشتر چار يار.
’دال‘ دلبند دلپسند، دلدار دلبر دلقرار،
دين جا، دارين جا، دادار داور چار يار.
’ذال‘ ذاهن ذوق مان ڪن، زُهد ڪارڻ ذوالجلال،
ذڪر ذاتيءَ جا زَرين، زردار ذاڪر چار يار.
’ري‘ رَسيلا رحم وارا، رحمتي راحم رَحيم،
راهه ۾ ڪن رهبري، رَهوار رهبر چار يار.
’زي‘ زياده زور، زوراڻا زماني روءِ زَمين،
زرهه پاتل زيب، زينتدار زيور چار يار.
’سين‘ سالم با سلامت، سَلم جا ساقي سَليم،
سرفراز و سر زمين، سردار سرور چار يار.
’شين‘ شاهي شرف شاهن، شهنشاه چارئي شهيد،
شڪر تي شَرقين، شوڪتدار شاڪر چار يار.
’صاد‘ صوفي صافتر، صاحڀ صفائيءَ جا صدقي،
صدق صادق ويا ڪندي، صدبار صادر چار يار.
’ضاد‘ ضامن پيا ضعيفن جي ضرورت ۾ زمان،
ضد مڙئي ضايع ضدان ڪن، ضاد ذر ذر چار يار.
’طوئي‘ طريقت کي رسن، طالب خدا تن جي طُفيل،
طلب ۾ طواف گڏ، طيار طاهر چار يار.
’ظوئي‘ ظلم جي پاڙ پٽيون، ظالمن کي ضبط ڪيَئون،
ظلمتون نيو زيب ڪن، ذيشان ظاهر چار يار.
’عين‘ عالي جاهه، عالي شاهه، عالي بارگاهه،
عالمن ۾ ڪن عطر، اُٻڪار عنبر چار يار.
’غين‘ غازي منجهه غَزا، غالب گهڻو، غلبي ڌڻي،
غور سان غمناڪ جا، ڪن غار گوندر چار يار.
’في‘ فنا في الله فائق، فيض بخشيندڙ فياض،
فَلڪ تي في الحال، فرماندار فاخر چار يار.
’قاف‘ قادر قرب مان، قرآن ۾ ڪوڏائيا،
قدر تن قدرت ٻُجهي، قهار قاهر چار يار.
’ڪاف‘ ڪافر ڪُل ڪنبايئون، ڪوٽ ڪفراني ڪريا،
ڪرم ڪن ڪرمي، ڪرامتدار ڪوثر چار يار.
’لام‘ لله لڳ چڙهيا، لطفئون لڙائيءَ تي لطيف،
لاهيَئون لَينون ڪريو، للڪار لشڪر چار يار.
’ميم‘ مانجهي مرد، مَرڪيا محمد مصطفى،
مهڙ مڙني مهربان، مهندار مهتر چار يار.
’نون‘ نوراني نبيءَ جي، نور مان پُر نور ٿيا،
ناموَر نعرو هڻي، نروار ٿيا نَر چار يار.
’واؤ‘ ولايت جي، ولاتن جا ولي والي ٿيا،
وڻ لڳا وهه واهه ڪرڻ، وينجهار واهر چار يار.
’هي‘ همه همراهه هئا، همدم هميشہ هم رڪاب،
هاشميءَ سان هوشوَر، هسوار هَر هَر چار يار.
’لام‘ لالن لال ڪيا، لايئون نه لالائي لڱن،
لطف جون لهرون هڻن، لک وار لک سِر چار يار.
’الف‘ احمد تي اچي، احسان ڪن اصحاب شال،
عيد اکڙيون ڪن پسي، اسرار اظهر چار يار.
’يي‘ يَڪي سِر ساڻ يارا، ياوري ياري ڪجا،
ياد ڪلمو مون ڏجا، يا يار ياورَ، چار يار.
(ڪليات احمد، ڀاڱو پهريون: 280- 284)
(مٿين ٽيهه اکريءَ ۾ ’لام‘ جو ٻه دفعا اچڻ مان مراد: پهريون لام اکر وارو ۽ ٻيو لام ڪينچي (لا) آهي، جنهن ۾ ’لام ۽  الف‘ گڏي اکر/ حرف جي صورت ۾ پڙهايو ويندو آهي. جڏهن ته آخري ’الف‘ همزي جي جڳهه تي ڄاڻايل آهي.
·       آئيويٽا جي اکرن سان تجنيس حرفيءَ جي سٽرن/ شعرن جا چند مثال
×     ا (الف):
نه اُٺ اوڏا، نه اوٺيئڙا، پيا منجهه آهُڙن آها،
ڪيَم لَڙ لال لُڙڪن سان، لَڙي ليڙا ٿيا لاها.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 80)
×     ب (بي):
بَحر ۾، بَر ۾ ڀَلي يا باغ يا بازار ۾،
دوستَ، ڳوليم ديسيون، پَر دل لڌم دلدار وَٽ.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 156)
×     ٻ (ٻي):
مَهند مون سان هيتري مُدت هُئين مُکڙيءَ مثال،
ٻاجهه سين ٻارهين مهيني، ٻاٻيها، ٻوليو اٿئي.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 586)
×     ڀ (ڀي):
ڀِت ڀَڳي، ڪنهن ڀَت وڻي ڀَت، سِر ڀَٽڻ، ڀَٽ يا ڀَٽي،
جهوپڙي جوڙيَئون ڪکائين، مهر ڪر مهراڻ جهَل.
(ڪليات احمد- ڀاڱو پهريون، ص: 510)
×     ت (تي):
تارا تُفنگ تير تَبر تِر تِروکڙيون،
ڇوڙين ٿو بي گناهه تي بَم بَم نوان نوان.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 390)
×     ٿ (ٿي):
ٿَڌا ٿاڪ ٿَر جا، جتي ٿين ٿوڪ،
رهيا راڄ، راڄا، رَهي ڪانه روڪ.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 289)
×     ٺ (ٺي):
سڄڻَ، اڄ سوڳ لاٿم، تنهنجو سوڳند،
ٺلهين ٺِڪرين به ٺاهيو ڇا ٺَهان ها.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 80)
×     ٽ (ٽي):
منهن ڏسڻ جي مَهل ٿي، مهمانَ، معافي مهر سان،
ٽيون ٽياڪر ري ٽُڪر، ٽاني تي ٽارڻ ئي مُباح.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 201)
×     ث (ثي):
ثي، ثنا سبحان جي، جنهن جي ثنا ثابت ثواب،
جنس جوڙي جنس ري، هر جنس جوڙو لاجواب
(ڪليات احمد- ڀاڱو پهريون، ص: 236)
×     پ (پي):
پاپ هي پاپڙ، پُلاهون، پاپڙين پايان نه ڪجهه،
گوشت گوشي رک، اسان جو گاهه تي گذران گَت.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 121)
×     ج (جيم):
جَنگ جُنگن کي ڪندي، جَڳ ۾ ڏسان ٿو جاڳ سان،
نازڪن جا نيڻ ڪُهندي، نيم خوابيءَ ۾ ڏٺم.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 344)
×     ڄ (ڄي):
هت کَٽون ڀا، هت کٽونبا، کير کيريون ٻيريون،
ڄامَ، ڄاريون ڄَم اٿم، ڄايَس نه تنهنجي ڄار ڪَر.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 260)
×     جهه (جهي):
جهُڙ جهِميو، جهوري لٿي، جهانگيَن وسايون جهوپڙيون،
پَڊ پَروڪا، کِير پاريون، واههَ، قدرت رب ڪريم
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 359)
×     ڃ (ڃي): سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾ ڄاڻايل آواز/ اکر اڳيان ڪونه ٿو اچي، ان ڪارڻ مولوي صاحب جي شعرن مان ’ڃ‘ جي استعمال وارن لفظن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي.
مري ٿيا مُڃ، منجهه سُڃ، رُڃ ۽ اُڃ،
سَمر جن سان نه سَمر و زاد هو ڪو.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 487)
×     چ (چي):
چَنگ چؤنري چوريو، ويون چڙهي چوٽيءَ مٿي،
هو گهُمن ڀِٽ تي ڀَٽاريون، واههَ، قدرت رب ڪريم.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 360)
×     ڇ (ڇي):
ڇَٽ ڇَٽيهه لَکڻي جِي جن ۾، سي ڇَٽيءَ کان ڇَٽ ڌڻي،
جن ڇڏيو اولو سندس، سي اول جيئن اوليندو وَت.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 142)
×     ح (حي):
حسن ڌاران حُب رکڻ، حبدار جي حب لاءِ داغ،
حسن جي آهي ته آهي عشق البت بَرصواب.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 103)
×     خ (خي):
خط خال مون خيال ۾، خالي پڙهين تون خط،
تون خود خطا، نه ٻئي جي خطا تي خطيب اچ.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 195)
×     د (دالُ):
دوستَ، اڌ دولت جو لَت، دولت سموري دو لَتون،
تنگ تنگيءَ کان نه ٿي تون، تنگدستي ڏينهن ڏيڍ.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 240)
×     ڌ (ڌي):
ڌَڙا ڌَڙ ڌار سِر ڌَڙ کان، دوناليون دُور ڌَڪ ڌَڪ ۾،
سِسيون پٽجو ڪرن پٽ تي، نَپٽ پَٽ جا به پَٽ پَٽڪا.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 65)
×     ڏ (ڏي):
وَر سگهو سهڻا پرين، ناهيان سَگهو توکان سوا،
ڏُک ڀريو، ڏٻرو، ڏُهاري، پيَل ڏيهه کان ڏور ڏَڏ.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 229)
×     ڊ (ڊي):
اَچڻ جو آسرو ’احمد‘ هُجي ها،
اٿم ڊوهي ته ڊيهي تان ڊَهان ها.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 88)
×     ڍ (ڍي):
انسانيت انسان تي احسان عجب آهه،
جو ڍور بَني ڍول مان، چئو ڍِڪ ته ڍِڪايئين.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 448)
×     ذ (ذالُ):
’ذال‘ ذاهن ذوق مان ڪن، زهد ڪارڻ ذوالجلال،
ذڪر ذاتيءَ جا زَرين، زردار ذاڪر چار يار.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 281)
×     ر (ري):
روح منهنجو روز راڻا، راڄ تنهنجي ۾ رَهي،
ڀؤنر جيئن منجهه باغ ڀُون ڀُون، ڀُون ته ڀُون ڀُون، ڀُون لڳي.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 564)
×     ڙ (ڙي):
ادا، ’احمد‘ مَ ڪر آڪڙ، ڦِري پئي مُلڪ ۾ ماڪڙ،
رهي لانڍي نڪا لاڪڙ، نه ماڙي چِٽ، نه چاڙي ڪا.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 66)
×     ز (زي):
زور زَر زينت زَمينون، زال زَن زيور زَريون،
شان شاهوڪار ڏي ٿو، هر مهل جيڪي مڱو.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 85)
×     س (سينُ):
سَر زمين سَردار، سَر سَرور، سراسر سرفراز،
سونهن ڀريا، ساهو، سَٻر سلطان سڀ خاڪ ٿي.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 392)
×     ش (شينُ):
’شين‘ شاهي شرف شاهن، شهنشاه چارئي شهيد،
شُڪر تي شَرقين، شوڪتدار شاڪر چار يار.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 282)
×     ص (صوادُ):
’صواد‘ صوفي صافتر، صاحب صفائيءَ جا صَفي،
صدق صادق ويا ڪندي، صدبار صادر چار يار.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 282)
×     ض (ضوادُ):
’ضواد‘ ضامن پيا ضعيفن جي ضرورت ۾ زمان،
ضد مڙئي ضايع ضدان ڪن، ضواد ذر ذر چار يار.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 282)
×     ط (طوئي):
’طوئي‘ طريقت کي رسن، طالب خدا تن جي طفيل،
طلب ۾ طواف گڏ، طيار طاهر چار يار.
(ڪليات احمد- ڀاڱو’ ٻيون، ص: 282)
×     ظ (ظوئي):
’ظوئي‘ ظاهر هر ذري مان، هر ظُهوري مان ضرور،
رنگ ڏيندڙ نيڪ روشن، رنگ ڀُوري مان ضرور.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 231)
×     ع (عينُ):
عقل عبرت عاقبت ۽ عفو عزت عافيت،
اُو اَڙين آڌار ڏئي ٿو، هر مهل جيڪي مڱو.
(ڪليات احمد- ڀاڱو پهريون، ص: 84)
×     غ (غينُ):
ٿيو غَرق غم ۾ غريبو غُراب،
ترن پيا مٿي موج  مهراڻ مَڙهه.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 504)
×     ف (في):
فهم فهمائش فضيلت فيض ۽ فضل و فڪر،
علم ۽ اَذڪار ڏئي ٿو، هر مهل جيڪي مڱو.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 84)
×     ڦ (ڦي):
ڦَٽ وڃن دل کي ڦٽيندا، فرق ڪهڙا منجهه فراق،
ساهه سَنڌيون، جسم سوڌا، سوز ساڙي ۾ رهيا.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 102)
×     ق (قافُ):
قرب اٿئي قَلب ۾، قربان ٿي وڃ ڪينَ ڪَٻ،
نوڪ نيزي ناز جو، نيشان ٿي وڃ ڪين ڪَٻ.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 113)
×     ڪ (ڪافُ):
ڪفر جيئن ڪاڪل اٿيا، ڪارُون ڪري ڪعبي ڪنان،
هاڻ ڪيئن محڪوم مون کان، مسلماني ٿي سگهي.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 567)
×     ک (کي):
کاٽ کيٽا آئون نه ڄاڻان، کَٽ ڇڏڻ کوٽا خيال،
جاچ ري مون کي، جِيين جاني، جهَلائين بي سبب.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 106)
×     گ (گافُ):
گلبدن گوشي ۾ مون سين، گڏ گذاري رات اڄ،
ورهه ورهين جا لٿا، ٿي وَصل واري رات اڄ.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 181)
×     ڳ (ڳي):
تنهنجون ڳالهيون ڳائڻن ۾، ڳيت ڳائن ڳوٺ ڳوٺ،
رنگ لائن ٿيون رهاڻيون، راجپوتي بيت بيت.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 146)
×     گهه (گهي):
گهيڙ تي گهوڙا، گهَڙيءَ ۾، گهُور اهڙو گهائيو،
ساهه سٽڪو اُڀ ستين تي، بُت به بُل بُل آس پاس.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 277)
×     ڱ (ڱي): سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾ ڄاڻايل آواز/ اکر اڳيان ڪونه ٿو اچي، ان ڪارڻ مولوي صاحب جي شعرن مان ’ڱ‘ جي استعمال وارن لفظن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي.
وڃي رات رت سان، رَتولن رَڱڻ ۾،
ڪنديَس عيد ’احمد‘ اباڻي اڱڻ ۾،
معافي مڱڻ ۾، اٿم جاٽ جوٽي.
(ڪليات احمد- ڀاڱو پهريون، ص: 303)
×     ل (لامُ):
لنئون لڪايم لوڪ کان، لالڻَ، نه لڪيا لُڙڪ لال،
پرهه جو پاڻي اکين جي، ڪئي پريشاني پڌر.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 250)
×     م (ميمُ):
مورتون مرجان موتي، موڪ ماڙين سِر مڙهيون،
مهل ڪا محلن ۾ هئا مهمان، سڀ ويا خاڪ ٿي.
(ڪليات احمد- ڀاڱو پهريون، ص: 391)
×     ن (نونُ):
ناز نازڪ جي اڳيان، گل نازبو نازيب سڀ،
ننگ نرگس ۾ نگاهون، هڪ سڄڻَ، تو ساڻ سَڱ.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 331)

×     ڻ (ڻي): سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾ ڄاڻايل آواز/ اکر اڳيان ڪونه ٿو اچي، ان ڪارڻ مولوي صاحب جي شعرن مان ’ڱ‘ جي استعمال وارن لفظن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي.
ڪڻ ڏسان يا وڻ ڏسان، ڇا ڌَڻ ڏسان، ڇا رنگ پار،
ڪا ڪڪي، ڪاري، ڪُنڍي، گوشي، گُجر، چؤنرِي، ڪِ چال...
(ڪليات احمد- ڀاڱو پهريون، ص: 58)
×     و (واؤ):
واٽ وَر وَر، وَر ڪنان، وَر وَر وَريتيون وَر چوَن،
وَر لنگهي وَر ڳول وَر، وَر وَر نه ڏيندي وات وَت.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 119)
×     هه (هي):
هَڪل هونگار هاڙهي ڏانهن، هٿيڪو هت ٻُڌم هاڻي،
هزارين هٿ کنيَم هَي هَي، وڃن پيا هُو، نه ڪن ها ها.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 80)
×     ء (همزو، دراصل الف جي متحرڪ صورت ۾ ڪم ايندو آهي ۽ صورتخطيءَ جي نسبت ٻه الڳ اسم ليکيا ويندا آهن. هتي صرف همزي جي استعمال کي نظر ۾ رکي شعر ڏنو وڃي ٿو.)
هِيئن هُجان يا هُونئن هجان، پر جيئن هجان تِيئن هت هجان،
تخت يا تختي مٿي، يا تنگ تربت بَرصواب.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ص: 103)
×     ي (يي):
’يي‘ يقيناً سوئي يَڪسر، يار ياور پڻ يَڪو،
ٻيا ڏِني تي ڏين، هو ڏي، ڏيهه کي ڏيڻو نه ڪو.
(ڪليات احمد- ڀاڱو پهريون، ص: 234)
ٽيهه اکرين ۾ ته مولوي صاحب جا مخصوص اکر/ آواز سان ڀلا مثال ملن ٿا، ليڪن مٿين سنڌي آئيويٽا جي اکرن/ حرفن نسبت مولوي صاحب جي غزلن يا نظمن جا شعر رکيا ويا آهن. تجنيس حرفيءَ جي نسبت اهڙي ڊيٽا ڪنهن به شاعر جي شاعريءَ مان حاصل نه ٿي ٿئي.
مطلب ته مولوي احمد ملاح تجنيس حرفيءَ (يعني ساڳي سٽر ۾ ساڳئي حرف/ اکر سان شروع ٿيندڙ لفظن جو استعمال) جو جراح ڪاريگر رهيو آهي. جنهن به نظم يا غزل کي ڏسبو ته ڪٿان نه ڪٿان ’تجنيس حرفيءَ‘ جي جڙاوت ضرور ملندي. ان سبب علمي توڻي ادبي دنيا ۾ مولوي احمد ملاح کي ’تجنيس حرفيءَ‘ جو شهنشاه ڪوٺيو ويندو آهي.
·       حاصل مطلب
تجنيس حرفيءَ جي دائري واري اڀياس بعد، جڏهن مولوي احمد ملاح جي شاعري ڏسجي ٿي ته ان چوڻ ۾ ڪو به مغالطو نه ٿو رهي ته ’مولوي احمد ملاح تجنيس حرفيءَ جو شهنشاه‘ آهي. اهڙي اڀياس بعد حاصل مطلب هيٺين نڪتن ۾ پيش ڪجي ٿو:
?    تجنيس جو تعلق لفظن جي استعمال سان هوندو آهي. لفظن جي ڀيٽ سان ئي تجنيس واري حرفت نوٽ ٿي سگهندي آهي.
?    تجنيس حرفي ۽ تجنيس خطي ٻه الڳ تجنيسون آهن، ان سبب انهن جي ڪاريگريءَ جا دائرا الڳ ٿين ٿا.
?    تجنيس حرفيءَ مان مراد ڪنهن شعر يا بيان جي سٽر ۾ اهڙا لفظ ڪم آڻڻ آهي، جيڪي ساڳئي حرف/ اکر سان شروع ٿيندا هجن، جيئن:
دولتون، دانائيون، دنيا، دوائون، دان، دين،
در مٿان دادار ڏئي ٿو، هر مهل جيڪي مَڱو.
?    مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس حرفي‘ جو استعمال جهجهو ملي ٿو. ٽيهه اکرين ۾ ته باضابطه حرفن جو خيال رکيو ويو آهي، ليڪن سندس غزلن يا نظمن ۾ پڻ ڄاڻايل ڪاريگري عام ملي ٿي.
?    سنڌي آئيويٽا جي نسبت 52 اکري سامهون رکي، مولوي صاحب جا شعر جاچيا ويا. ڏٺو اهو ويو ته تجنيس حرفيءَ جي نسبت ، سندس شعرن ۾ هر حرف ڪم آندل آهي.
?    مولوي صاحب جي شاعريءَ مان هڪ محدود ڊيٽا گڏ ڪرڻ بعد ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته ’مولوي احمد ملاح تجنيس حرفيءَ جو شهنشاه‘ آهي.

¨  حوالا/ ذريعا
×     ام ڪلثوم شاه، ڊاڪٽر (2004) شاه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاره ۽ تشبيهه نگاريءَ جو تحقيقي جائزو. ڪراچي يونيورسٽي: شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر.
×     رستماڻي ضرار، پروفيسر (2017) ڪليات احمد (مولوي احمد ملاح) ڀاڱو پهريون ۽ ٻيون. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.
×     عباسي ظفر (2007) سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
×     مرزا، قليچ بيگ (2016) علم عَروض. ڄامشورو: مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي.


No comments:

Post a Comment

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس مڪرّر‘ جو جائزو

ڊاڪٽر الطاف جوکيو مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس مڪرّر‘ جو جائزو ·        اڀياس جو پس منظر سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ لاڙ جي ...