Saturday, March 30, 2019

A simple study of ‘Homo-Structure words’ in Molvi Ahmed Mallah’s poetry




ڊاڪٽر الطاف جوکيو
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس خطيءَ جو اڀياس
(A simple study of ‘Homo-Structure words’ in Molvi Ahmed Mallah’s poetry)
Abstract:
Grasp over ‘figures of speech’ in Molvi Ahmed Mallah’s Sindhi Poetry is unmatchable and exceptional. It looks very clear that he was cut out for Classical Hindhi/ Sindhi Prosody along possessing great expertise over the Arabic Prosody. Lyrical translation of Quran Majeed named ‘Noor ul Quran’ and his mixed poetry named ‘Kulyat Ahmed’ are his best pieces of literally work in the light of different type of prosody. Whoever will read or listen his sung Verses (Bait), Kafi, Odes (Gazal) and lyrical poems, would get mesmerized instantly and automatically.
No doubt, he excels at all other Sindhi poets in using ‘Homo-Structure Words’ (Tajnees Khatti). Tajnees Khatti exists in Arabic Script only which is a literally technique of using words in prose or poetry having same structural look or shape of letters with different location of dots as well as dissimilar sounds therein. It is very interesting to note here that this technique of Tajees Khatti is noncompatible technique with Roman as well as Devnagri scripted languages.
This paper is simply the data collection of Tajnees Khatti in Molvi Ahmed Mallah’s match-to-nothing poetry.
·       اڀياس جو پسمنظر
ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ جيترو تجنيسن ۽ صنعتن جو سگهارو استعمال آهي، سو ڪنهن به عَروضي شاعر وٽ نه ٿو ملي. گهڻي قدر، مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ تجنيس حرفيءَ جو استعمال ته ڪمال جو آهي، جنهن سبب کيس ’تجنيس حرفيءَ‘ جو شهنشاه ڪوٺيو ويندو آهي. هتي سندس تجنيس خطيءَ جي دائري هيٺ سندس ڪم آندل لفظن جو جائزو وٺجي ٿو. تجنيس خطيءَ مان مراد اهڙا لفظ ڪم آڻڻ آهن، جن جي لکڻ ۾ صورت ساڳي هجي، ليڪن ٽٻڪن جو فرق هجي، جيئن: ’محبت، محنت ۽ مخنث‘ يا ’محرم ۽ مجرم‘ يا ’بر، تر، ٿر، پر‘ وغيره. ڄاڻايل لفظن جي لکت ساڳي بيهي ٿي، البت ٽٻڪن ۾ فرق ٿيندو. ان اهڙي صورت وارن لفظن جي استعمال کي تجنيس خطي ڪوٺيو ويندو آهي. اهڙي وضاحت بعد جڏهن ڪتابن، بلڪ خاص طور  تحقيقي ڪتابن ۾ ڄاڻايل تجنيس جو دائرو ڳولهجي  ٿو ته ان ۾ ڪي مونجهارا به سامهون ٿا اچن. مرزا قليچ بيگ صاحب ان کي اکر جي گهر نسبت ورتو آهي، يعني اکر جو گهر ساڳيو هجي، باقي ٽٻڪن جو فرق ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته ڊاڪٽر ام ڪلثوم جي تحقيقي مقالي ۾ ڏسجي ٿو ته ’خطي ۽ حرفي‘ ساڳي ڳالهه ٻڌائي وئي آهي. اهڙي صورت ۾ ان جي ڇنڊڇاڻ نهايت ضروري ٿي پئي آهي.
·       اڀياس جا سوال
s   ڇا تجنيس خطي ۽ حرفي جي پاڻ ۾ ڪا ويجهڙائپ آهي؟
s   ڇا تجنيس خطيءَ جا لفظ ڀيٽ جي صورت ۾ ساڳي سٽر يا شعر ۾ ڪم آندا ويندا آهن؟
s   ڇا خطيءَ مان مراد ’اکر جو ساڳيو گهر آهي؟
·       اڀياس جو عمل
تجنيس خطي، گهٽ ۾ گهٽ ڪن به ٻن لفظن جي ڀيٽ واري عمل کي چيو ويندو آهي، جن جي خط يعني لکت ساڳي هجي ليڪن ٽٻڪن جي بنياد تي آواز ۾ فرق هجي. `’جامع سنڌي ’لغات‘ ۾ ان اصطلاح جي وضاحت هيٺين ريت ڏنل آهي:
”تجنيس خطي: ث. شعر جي مصرع ۾ هم صورت لفظن جي بدل سدل واري صنعت ’ٻين جي ميٺاج محبت قرب کان مون کي گهڻو، تنهنجي بي قربي ۽ محنت جي جفا آهي لذيذ.‘ (بلوچ، 1981: 591)
جامع سنڌي لغات ۾ اصطلاح جي تشريح ۽ مثال واضح آهن، البت ’بي قربي‘ کي هيٺان ليڪ ٽڪر ڏنو ويو آهي، جيڪو مناسب به ناهي ۽ مونجهارو به ڪري پيو. ساڳي تشريح ’نئين جامع سنڌي لغات‘ (بلوچ، 2004: 443) ۾ ساڳئي انداز سان ڏنل آهي، ليڪن لفظ ’بي قربي‘ کي هيٺان ليڪ ٽڪر ناهي. ان صورت ۾ ’نئين جامع سنڌي لغات‘ ۾ تشريح ۽ مثال مناسب سڏبا. البت اها وضاحت ٿيل ڪونهي ته ڄاڻايل شعري مثال ۾ ڪهڙا لفظ تجنيس خطيءَ جو مثال هيٺ ايندا. بيشڪ ان شعري مثال ۾، ڄاڻايل تشريح پٽاندر ’محبت‘ ۽ ’محنت‘ تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
تجنيس خطيءَ جي وضاحت ’نور اللغات‘ اردو ۾ ’تجنيس‘ واري تشريح ۾ هيٺين ريت ڏنل آهي:
"تجنیس: (ع)۔ مانند ہونا۔ ہم جنس ہونا۔ یکساں کرنا۔ 1: ایک جنس کا ہم جنس ہونا۔ 2: صنایع لفظی میں دو لفظوں کا تلفظ میں مشابہ اور معنی میں متغایر ہونا۔ جیسے  " آہنگ بمعنی قصد و آواز۔ تجنیس خطی۔ (ف) تحریر میں دو مختلف المعنی لفظوں کا ایک ہی طرح لکھا جانا۔ جیسے  عِلم  و عَلم۔" (نور، 2006: 1017۔1018)
مولوي نور الحسن نير، تجنيس جي وضاحت ۾ ’خطيءَ‘ بابت پڻ ٻڌائي ويو آهي، جنهن جا مثال: ’عِلم‘ ۽ ’عَلَم‘ ڏنا اٿس. دراصل اهي مثال ’خطيءَ‘ جا ناهن بلڪ ’تجنيس ناقص‘ جا آهن. جنهن صورت ۾ لغتن جي ڇنڊڇاڻ نه ٿي ٿئي ان صورت ۾ اهڙيون غلطيون رهجي ٿيون وڃن.
’فيروز اللغات‘ عربي- اردو جي مدد سان ڄاڻايل اصطلاح جي لغوي اکيڙ رکجي ٿي:
?    تجنيس خطي: [ تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + خطي (خَطَّ = هن ليڪ ڪڍي، هن لکيو) لکڻي، لکيل صورت] علم بيان موجب ڪنهن شعر ۾ اهڙا مختلف لفظ ڪم آڻڻ جن جي لکيل صورت ساڳي هجي ليڪن ٽٻڪن ۾ فرق هجي، جيئن: سحر، شجر، سخر وغيره.
مرزا قليچ بيگ، تجنيس خطيءَ بابت واضح ڪري ٿو ته: ”تجنيس خط: هن کي ’تصحيف‘ ۽ ’مشابہ‘ به چوندا آهن. هن ۾ رڳو لفظ اهڙا ڪم ٿا اچن، جن جي صورت ۾ يعني لکڻ ۾ هڪجهڙا آهن، رڳو لفظن ۾ يعني پڙهڻ ۾ مختلف آهن.
رات ’تاريڪ‘، راهه ٿي ’باريڪ‘،
مور ’ناتين‘ کي نه هو ’تاتين‘،
’دشت ۾ ’دست‘ ان جو ڪونه وٺي،
هن کي ’تاڙين‘ پر نه ٿا ’تارين‘.

’عيادت‘ شڪل ۾ آهي ’عبادت‘،
مگر اٺ ڀيرا ان کان ٿي زيادت.
                                                                        (مرزا، 2016: 99)
ظفر عباسيءَ پڻ ساڳي عبارت اتاري ۽ مثال به ساڳيا چونڊي ڏنا آهن. (ظفر، 415: 2007) مرزا صاحب ۽ ظفر عباسيءَ جي ڄاڻائڻ موجب ’تاريڪ- باريڪ‘ ۽ ’عيادت- عبادت‘ جي لکڻ جي نسبت اکر جا گهر ساڳيا آهن، ليڪن ٽٻڪن ۾ فرق آهي. يعني مذڪوره اکرن جا گهر ساڳيا آهن، ليڪن ٽٻڪن جي مٽجڻ سان آواز مختلف ٿئي ٿو.
ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاه پنهنجي ٿيسز ۾ تجنيس حرفيءَ ۽ خطيءَ کي ساڳي صنعت ڄاڻائيندي لکي ٿي ته: ”تجنيس حرفي يا خطي: جيڪڏهن ڪنهن جملي يا مصرع ۾ ساڳئي حرف سان شروع ٿيندڙ لفظن جو استعمال ٿئي ته اهڙي لفظي تڪرار واري صنعت، تجنيس حرفي يا خطي سڏبي. شاه لطيف جي ڪلام ۾ هن صنعت جو تمام گهڻو استعمال ٿيو آهي. هن جي ڪري شعر جي ترنم ۾ به واڌارو ٿئي ٿو. شاه سائينءَ جي سر ڪلياڻ جو پهريون بيت آهي:
اول الله عليم، اعلى عالم جو ڌڻي،
قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آهي قديم،
والي واحد وحدهٗ، رازق رب رحيم،
سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جي.
هت پنجن ئي مصرعن ۾ جدا جدا اکرن سان شروع ٿيندڙ لفظن جو مڪرر استعمال ٿيو. پهرين مصرع ۾ ’الف‘ ۽ ’ع‘ (ساڳئي آواز جو)، ٻي مصرع ۾ ’ق‘ جو، ٽين مصرع ۾ ’و‘ ۽ ’ر‘ جو، چوٿين ۾ ’س‘ ۽ ’ح‘ جو ۽ پنجين مصرع ۾ ’ڪ‘ ۽ ’ج‘ سان شروع ٿيندڙ لفظن جو تڪراري استعمال ٿيو.“ (ڪلثوم، 2004: 22-23)
ڊاڪٽر صاحبه تجنيس حرفيءَ جي وضاحت مناسب ڪئي آهي، البت ’حرفي ۽ خطي‘ کي ساڳي تجنيس ڪوٺيو آهي، جن جي دائرن جي پاڻ ۾ ويجهڙائپ ناهي، سواءِ پهرين اکر/ آواز ساڳئي هجڻ جي!
مرزا صاحب جي ڄاڻايل مثالن ۾ ’عيادت- عبادت‘ تجنيس خطيءَ جو آهي، ليڪن پهرين اکر/ آواز جي نسبت ان کي ’تجنيس حرفيءَ‘ جو جز به تصور ڪري سگهجي ٿو؛ ليڪن تجنيس خطيءَ جي مثال: ’تاريڪ- باريڪ‘ کي پهرين اکر/ آواز جي تبديليءَ سبب ’تجنيس حرفيءَ‘ جو جز به نه ٿو تصور ڪري سگهجي.
مٿين مثالن بعد اچرج وٺي ٿي ته جڏهن ’تجنيس حرفي ۽ خطي‘ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي ته پوءِ ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاه پاران ’تحقيقي مقالي‘ ۾ اصطلاح (Terms) جي پيراميٽر بابت اهڙي گمراه ڪندڙ ڳالهه ڪيئن ڪئي وئي!
·       تجنيس خطيءَ جو دائرو
تجنيس خطيءَ بابت ’جامع سنڌي لغات‘ ۽ مرزا قليچ بيگ جي مثالن سوڌي وضاحت مناسب ۽ درست ڏنل آهي. ڏسيل چال کي سمجهڻ لاءِ سنڌي آئيويٽا جي بنيادي شڪل وارن اکرن جي مماثلت کي نظر ۾ رکڻ لازمي آهي:
?    ’ب‘ اکر جي ٻيڙيءَ وارا ٻيا به اکر آهن، جهڙوڪ: ’ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٺ، ٽ، ث، پ‘ ان خيال کان ’ب‘ ان جي بنيادي صورت آهي ۽ ٻيا اکر ان جي هم شڪل آهن. همزي (ء) جي شروعاتي ۽ وچين اکري صورت (ئـ، ـئـ) به ان زمري ۾ اچي سگهي ٿي.
?    ’ح‘ جي شڪل جهڙا ٻيا اکر ’ج، ڄ، ڃ، چ، ڇ، خ‘ به آهن، يعني ’ح‘ ان جي بنيادي شڪل آهي، جنهن ۾ ٽٻڪن جو استعمال ڪري ٻيا اکر لکيا ويندا آهن.
?    لکت جي لحاظ کان ’د‘ اکر جهڙيون ٻيون صورتون، ٽٻڪن جي فرق سان، ’ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ‘ ٿين ٿيون.
?    ’ر‘ جي بنيادي شڪل جهڙا ٻيا اکر به آهن: ’ڙ، ز‘، صرف ٽٻڪن جو فرق آهي.
?    ’س‘ ۽ ’ش‘ اکرن جو بنيادي گهرُ ساڳيو ٿئي ٿو.
?    ’ص‘ ۽ ’ض‘ ٽٻڪي جي فرق سان، ساڳئي گهير جو اکر آهي.
?    ٽٻڪي جي فرق سان ’ط‘ ۽ ’ظ‘ اکرن جي لکت ساڳي رهي ٿي.
?    ’ع‘ ۽ ’غ‘ اکرن جي بنيادي صورت ساڳي آهي.
?    ’ف‘ ۽ ’ڦ‘ جي شڪل، ٽٻڪن کان سواءِ ساڳي آهي.
?    ’ن‘ ۽ ’ڻ‘ اکر جي گهر  کي به سنڌي آئيويٽا جي نسبت، ’ٽٻڪي ۽ ’ننڍڙي ط‘ جي فرق سواءِ، ساڳيو سمجهڻ گهرجي.
?    ملفوظي ’هه‘، ’وسرڳي ـهه‘ ۽ مختفي ه (ه، ـه ۽ ـہ) کي الڳ صوررتون سمجهڻ گهرجن.
ان کان سواءِ، اکرن جي چئن صورتن (سالم، شروعاتي، وچين ۽ آخري) نسبت، ڪي اکر اهڙا به آهن جن جون ڪي صورتون ٻين اکرن سان ملي سگهن ٿيون ۽ ڪي صورتون نراليون ٿي بيهن ٿيون، اهڙي ڇنڊڇاڻ ڪندي، اکري ورڇ هيٺين ريت ڄاڻائجي ٿي:
?    ’ن‘ جي شڪل وارو اکر ’ڻ‘ آهي، ليڪن ٻنهي اکرن جي سالم ۽ آخري صورت کان سواءِ شروعاتي ۽ وچولي شڪل ساڳي ’ب/ ٻ/ ڀ/ ت/ ٿ/ ٺ/ ٽ/ ث/ پ‘ واري ٿئي ٿي. اهڙي صورت ۾ ’ن‘ جي شڪل کي ٽٻڪن جي بنياد تي، ’ب وغيره‘ ۽ ’ڻ‘ ٻنهي سان ساڳيو سمجهي سگهجي ٿو، جيئن: بـ - نـ- ڻـ ۽ ـبـ، ـنـ، ـڻـ، وغيره
?    ’ف ۽ ڦ ‘ ساڳي شڪل جا اکر آهن، البت، ’ق‘ جي شروعاتي ۽ وچين شڪل ’ف ۽ ڦ‘ سان ملي ٿي، جيئن: فـ- ڦـ- قـ ۽ ـفـ- ـڦـ-  ـقـ، جڏهن ته ’ق‘ جي سالم ۽ آخري شڪل ’ف ۽ ڦ‘ کان مختلف بيهندي آهي.
?    ’گ‘، ڳ ۽ ڱ‘ جون بنيادي شڪليون ساڳيون بيهنديون، ليڪن ساڳي بنيادي شڪل وارو ’ک‘ جو اکر صرف مٿين ترڇين ليڪن سبب فرق رکندو. هنن ٻن ترڇين ليڪن ۽ هڪ ترڇي ليڪ جي بنياد تي شڪل ۽ صورت الڳ الڳ تصور ڪئي ويندي.
?    ’ي‘ اکر جي شروعاتي ۽ وچين شڪل ساڳي ’ب‘ وارن اکرن واري بيهي ٿي، جيئن: ’بـ- يـ ۽ ـبـ- ـيـ‘، البت ’ي‘ جي سالم ۽ آخري شڪل الڳ ٿي بيهندي آهي ۽ انهن جي ’ب‘ وارن اکرن سان هم شڪلي نه ٿيندي.
مٿين معيارن جي بنيادن تي اها ڳالهه وري ورجائجي ته اهڙا ٻه يا ٻن کان وڌيڪ لفظ جيڪي بنيادي صورت ۾ ساڳيا هجن، ليڪن ٽٻڪن جو فرق هجي ته ڪنهن شعر ۾ انهن جي استعمال واري ڪاريگريءَ کي ’تجنيس خطي‘ ڪوٺبو.
·       مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس خطيءَ جو جائزو
مولوي صاحب جيئن ته شاعريءَ جي فن جو وڏو جراح ڪاريگر هيو، ان سبب هن جا خطيءَ جي دائري ۾ به ضرور ڪي شعر رچايل هوندا. اندازو آهي ته ’تجنيس خطيءَ‘ جي دائري هيٺ ضرور سندس هڪ مڪمل غزل هوندو، پر وقت جي ستم ظريفين سبب سندس ڪلام جو ڪجهه حصو ضايع ٿي ويو آهي. تنهن هوندي به سندس موجود ڪلام مان چند مثال ملن ٿا. هڪ غزل جي بند ۾ هي مثال ملي ٿو ته:
هيل تائين حال مسڪين، خال مُشڪينَ جي مثال،
هُت نه ڪو هرگز ٿيڻ، حالي حواليءَ لاءِ وَجههُ.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 190)
هڪ ئي سٽر يا شعر ۾ اهڙي خطيءَ جي صورت وارن مختلف لفظن کي ڀيٽي، ’تجنيس خطي‘ سڏبو آهي. هن شعر ۾ ’حال مسڪين‘ ۽ ’خال مشڪين‘ جي خطيءَ واري صورت/ لکت ساڳي آهي، ليڪن ٽٻڪن/ نقطن ۾ فرق آهي. اهو عجيب اتفاق آهي يا مولوي صاحب جي حرفت جو ڪمال آهي، جو ساڳي سٽر ۾ ٻٽا لفظ تجنيس خطيءَ نسبت ڪم آندا اٿس.
·       مولوي احمد جي غزليات مان تجنيس خطيءَ جا چونڊ شعر
مولوي صاحب جا چند شعر، تجنيس خطيءَ جي خيال کان  خيال خاطر رکجن ٿا:
مَٽج ڪِينَ مُون سان مِٺا يار ياري،
اَٿم تانگهه تُننجي، طلب تار تاري.
(ڪليات احمد، ڀاڱوپهريون- 305)
ڄاڻايل شعر ۾ ’يار- ياري‘ ۽ ’تار- تاري‘، ٽٻڪن جي فرق سان ساڳي خطيءَ واري صورت جا لفظ آهن.
بي غرضَ، بَر ۾ بيهاريَئي، هو عرض ڀَر ۾ بيهار،
داد جو دستور ڌارڻ، آهه ايءُ ڏاڍو عجيب.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 110)
مٿئين شعر ۾ ’غرض‘ ۽ ’عرض‘ ساڳي خطيءَ واري صورت جا لفظ ڪم آندل آهن، صرف نڪتي جو فرق آهي.
لهي اَٽڪاءُ ڪِنهين اَٽڪل، سَنڌيون سَڀ سُور، سِينون سَل،
هُجي سِيني تي سِينو شَل، هُجي ڀِت ساڻ ڀِت ڀِت ڀِت.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 122)
ان شعر ۾ ’سَل‘ ۽ ’شل‘ تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
ٿو شُمارين شراب جنهن کي هِت،
سو سڀو سُڃ سراب عين بعين.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون-437)
ڄاڻايل شعر ۾ ’شراب‘ ۽ ’سراب‘ ساڳي خطيءَ واري صورت جا لفظ ڪم آندل آهن، صرف ٽٻڪن جو فرق آهي.
درويش هو يا دولتي، محبوب هو يا محبتي،
مهندار هو يا محنتي، سگهجي سڃاڻي هاڻ ڪيئن؟
(ڀاڱو پهريون- 401)
ڄاڻايل شعر ۾ ’محبتي‘ ۽ ’محنتي‘ ساڳي خطيءَ واري صورت جا لفظ ڪم آندل آهن، صرف ٽٻڪي جو فرق آهي.
ڪات ڪهڙا، ڪاٺ ڪهڙا، جي ڪرين ڪاوڙ قريبَ،
قتل لئي ڪاريون اکيون بس، قيد ڪاڪُل واهه جو.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 462)
مٿئين شعر ۾ ’ڪات‘ ۽ ’ڪاٺ‘ ساڳي صورت جا لفظ آهن، ليڪن ٽٻڪن جو فرق آهي، ان سبب ان کي تجنيس خطيءَ ۾ شمار ڪبو.
اَسان ڪُن ۾ ڪَلر ڪاري، ڪَندا پيا هِت ڪَڪر ڪارُون،
ڀريو ٿر بر مٿي باران، بارو بار پيا ايندا.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 44)
ان شعر ۾ ’ٿر‘ ۽ ’بر‘ تجنيس خطيءَ جا مثال آهن.
وِڇوڙي ۾ وِڌئي والي! ڀُڻان بيمار بي حالي،
کِجان کامان ڏِسيو خالي، اڳيان دِلبر! سَندئي ديرا.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 59)
ڄاڻايل شعر ۾ ’حالي‘ ۽ ’خالي‘ تجنيس خطيءَ جا مثال آهن.
سال گُذريا، شال گڏجن! ڪنهن گَهڙي ته به پنهنجي سوڀ،
ڏينِ مَن مُهڻا ٻه مِهڻا، مُنهن چَڙهي ته به پنهنجي سوڀ.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 116)
ان شعر ۾ ’سال‘ ۽ ’شال‘ تجنيس خطيءَ جا مثال آهن.
دار دُنيا جي کان ٿيندو، ڌار ڪو اڄ، ڪو صُباح،
لوڙه ۾ لاشڪ رهي لاچار، ڪو اڄ، ڪو صُباح.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 204)
مٿئين شعر ۾ ’دار‘ ۽ ’ڌار‘ ٽٻڪن جي فرق سان، ساڳي صورت جي بنياد تي تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
خَلق مُنهنجي خُون پُٺيان، خان! خَطرو جان ناهِه،
راڄ ساري کي رَسان، جي رَس ٿِيين تُون هيڪڙو.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 482)
ان شعر ۾ ’خان‘ ۽ ’جان‘ ساڳي خط وارا لفظ هجڻ سبب تجنيس خطيءَ جو مثال سڏبو.
سَڄيون سالُون سِڪان ساريان، ڪَڍان ٻاڦون ته وَڻ ٻاريان،
مَگر آئون، مُحب مُنهنجا! مَڱر ۾ ڏينهن گُذاريان ٿو.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 460)
مٿئين شعر ۾ ’مگر‘ ۽ ’مڱر‘ تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
ڏِٺم ڏُونگر پَئي ڏُک سُور ڏاڍا،
لڳيَم صُورت سَفر سَٽ مَٽ سَقر سان.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 377)
ان شعر ۾ ’سفر‘ ۽ ’سقر‘ ٽٻڪن جي فرق سان، ساڳي صورت سبب، تجنيس خطيءَ جو مثال سڏبو.
شَڪر ڇڏيَم، سَڪر گُهرجيم سُهڻا،
شَڪر شِيرين به سَريَم پوءِ سَڪر سان.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 377)
ان شعر ۾ ’شڪر‘ ۽ ’سڪر‘ تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
·       مولوي احمد جي نظمن مان تجنيس خطيءَ جا چونڊ شعر
ڪِينَ مان تُون ڪَئين ڪَرين، ’ڪُن‘ ساڻ قادر قُدرتي!
جَبل ۾ جَبار! تُون، جوڙين جواهر زينتي،
مَنجهه عَجب آئون پَوان، اِسرار ڏِسيو عِبرتي،
آهي توکي هَر هَميشه، حَمد حادي حِڪمتي،
آئون جاهِل، آئون ڪاهِل، آئون ظالِم زَحمتي،
تُون مَٿم ڪو رَحم ڪَر، رَحمان، راحِم، رَحمتي!
(ڀاڱو پهريون- 216)
مٿئين نظم جي بند ۾ قافين جي شڪل ۾ ’زحمتي‘ ۽ ’رحمتي‘ تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
’تي‘ تَبارڪ رَب تَعاليٰ، تَرڪ تُرڪن ڪِيم ڪَر،
تِير بازي، توف جي، تون ڪا ڪَڻن تعليم ڪَر،
تخت تابع، بخت طالع، تن عطا تعظيم ڪَر،
عدوءَ جي آفيسرن تي، آفتون آفيم ڪَر،
وِجهه مَنجهن ڪي موت مارا، اَنتَ خَيرُ الفاتحين.
(ڀاڱو پهريون- 265)
مٿئين نظم جي بند ۾ ’تخت‘ ۽ ’بخت‘ تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
’ضاد‘ ضِد کي ڇَڏ ضرُوري، ضُعف پنهنجو ڏِس ضَعيف،
ڇا هَلن تُنهنجون هَلائون، ويا هَليا تُنهنجا حَليف،
حَرف سَڀ هيڏي، نه هَلندئي حَرف هُت هَرگز حَريف،
چيٽ ڌاري چوٽ توکي، يا خَرابي مَنجهه خَريف،
خاڪ ۾ خاصو ڪِ خَس، اَلله بَس، باقي هَوَس.
(ڀاڱو پهريون- 246)
ان نظم جي بند ۾ ’حريف‘ ۽ ’خريف‘ تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
’زي‘ زِياده زور زوري، ناهي زاريءَ ري ذَرو،
ڏي سَندو تَوفيق تُرهو، تار جو وَرتم تَرو،
شام سارو سام تُنهنجي، رک سَلامت تِن سَرو،
مُشرڪن ۽ مُلحدن کي، چَئو ته اَي مُنڪر! مَرو،
هَٿ اَٿان خالي خَسارا، اَنتَ خَيرُ الفاتحين.
(ڀاڱو پهريون- 267)
ان نظم جي بند ۾ ’شام‘ ۽ ’سام‘ تجنيس خطيءَ جو مثال آهي.
·       مولوي احمد جا تجنيس خطيءَ نسبت قافيا
مولوي صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙا قافيا به ڪم آندا آهن، جيڪي تجنيس خطيءَ جي دائري ۾ اچن ٿا:
ڪري تُرهو تَوڪل تار، تَر اِيئن جيئن تَرڻ گهرجي،
پريان سان پَت لنگهي پاتار، پَر ايئن جيئن پَرڻ گهرجي.
انڌاريءَ رات، اُونهان ڪُن، ٻيا وِک وِک مٿي واگهُو،
سُونهون ٿي سِيرَ ۾ وک يارَ، ڀَر ايئن جيئن ڀرڻ گهرجي.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 526)
ڄاڻايل غزل جي مطلع ۽ بند ۾ ٻٽا قافيا: ’تر ۽ ترڻ‘، ’پَر ۽ پَرڻ‘، ’ڀَر ۽ ڀرڻ‘ پڻ تجنيس خطيءَ جا مثال آهن، جيئن: ’تَر، پَر ۽ ڀَر جي بنيادي صورت ساڳي آهي ۽ ’تَرڻ، پَرڻ ۽ ڀرڻ‘ جي بنيادي صورت ساڳي آهي. ان سبب اهڙي ڀيٽ جي بنياد تي ان حرفت کي تجنيس خطيءَ جو استعمال سڏبو.
جُدائيءَ کان وري جاني! پيم جولان ۾ جيرا،
اڳوڻيان پڻ اندر آڳون، اُٿيون لائي اندر ڄيرا.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 59)
مٿينءَ مطلع ۾ ’جيرا‘ ۽ ’ڄيرا‘ ٽٻڪن جي فرق سان، ساڳي صورت نسبت تجنيس خطيءَ جو مثال سڏبو.
مولوي صاحب جو قافين ۾ اهڙو تجنيس خطيءَ جو استعمال ته ڪافي ملي ٿو، هڪ ٽيه اکري نظم جي بند کي ئي ڏسي وٺو ته جنهن جي قافين ۾ تجنيس خطيءَ جو استعمال ڪيو اٿس:
’يي‘ يَقيناً سوئي يڪسر، يار ياور پڻ يَڪو،
ٻيا ڏني تي ڏين، هو ڏئي ڏيهه کي ڏيڻو نڪو،
سج هلائڻ تي هُجي، ڪُل جَڳ ته ٿوريءَ تي ٿَڪو،
سڀ سنڀالي هيڪ هُو، جيئن تنهنجي هٿ ۾ هڪ ٽَڪو،
ڪوڙ ٻيا ڪوڙين نه ٻڌندس، قلب ۾ ڪلمو پَڪو،
قلب ۾ ڪلمو پڪو، ٻي ڪار سمجهي ڇا سگهان.
(ڀاڱو پهريون- 234)
’يڪو‘، ’نڪو‘، ’ٿڪو‘، ’ٽڪو‘ ۽ ’پڪو‘ جا لفظ اهڙا آهن، جن جي بنيادي صورت ساڳي آهي، جنهن سبب انهن کي تجنيس خطيءَ جي مثالن ۾ شمار ڪبو. حاصل مطلب ته مولوي صاحب جي شاعري، صنايع بدايع جي خيال کان، تمام شاهوڪار آهي. هڪ ئي شعر ۾ تجنيسن جا مختلف رخ جاچي سگهجن ٿا. شاعريءَ ۾ حرفت جا مثال مولوي صاحب جي شاعريءَ کان وڌ ڪٿي به نه ٿا ملن.

·       حاصل مطلب/ نتيجو
تجنيس خطيءَ جي دائري نسبت مولوي احمد جي شاعريءَ مان ڊيٽا نوٽ ڪئي وئي. حاصل مطلب نڪتن جي حالت ۾ هيٺ پيش ڪجي ٿو:
?    تجنيس خطيءَ ۽ حرفيءَ جي دائرن ۾ فرق آهي. خطيءَ جو تعلق ٽٻڪن جي فرق سان لکت جي ساڳي صورت کي چئبو آهي، جيئن: عرض- غرض؛ جڏهن ته حرفيءَ جو لاڳاپو ڪنهن شعر يا سٽر ۾ ڪم آندل لفظن جي ساڳئي حرف سان آهي، جيئن: تارا تُفنگ تير تَبر تِر تِروکڙيون، ڇوڙين ٿو بي گناهه تي بَم بَم نوان نوان.
?    تجنيس خطيءَ جا اهڙا مثال جن جا پهريان حرف ساڳيا هجن ته ان صورت ۾ اهو تجنيس خطي ۽ حرفيءَ جو گڏيل مثال ٿي سگهي ٿو، جيئن: ڪات ۽ ڪاٺ.
?    تجنيس خطيءَ مان مراد صرف اهڙا ڀيٽ جي حالت ۾ لفظ، جن جي لکت واري صورت ساڳي هجي، ليڪن ٽٻڪن ۾ فرق هجي، جيئن: حال مسڪين- خال مشڪين.
?    مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس خطيءَ جا مثال، شعرن ۾ هجڻ کان علاوه قافين ۾ به ملن ٿا.
?    مولوي صاحب جي شاعريءَ مان جيڪي لفظ تجنيس خطيءَ جي نسبت نوٽ ڪيا ويا آهن، سي هن ريت آهن: ’حال مسڪين‘ ۽ ’خال مشڪين‘، ’يار- ياري‘ ۽ ’تار- تاري‘، ’غرض‘ ۽ ’عرض‘، ’سَل‘ ۽ ’شل‘، ’شراب‘ ۽ ’سراب‘، ’محبتي‘ ۽ ’محنتي‘، ’ڪات‘ ۽ ’ڪاٺ‘، ’ٿر‘ ۽ ’بر‘، ’حالي‘ ۽ ’خالي‘، ’سال‘ ۽ ’شال‘، ’دار‘ ۽ ’ڌار‘، ’خان‘ ۽ ’جان‘، ’مگر‘ ۽ ’مڱر‘، ’سفر‘ ۽ ’سقر‘، ’شڪر‘ ۽ ’سڪر‘، ’زحمتي‘ ۽ ’رحمتي‘، ’تخت‘ ۽ ’بخت‘، ’حريف‘ ۽ ’خريف‘، ’شام‘ ۽ ’سام‘، ’تر ۽ ترڻ‘، ’پَر ۽ پَرڻ‘، ’ڀَر ۽ ڀرڻ‘، ’جيرا‘ ۽ ’ڄيرا‘، ’يڪو‘، ’نڪو‘، ’ٿڪو‘، ’ٽڪو‘ ۽ ’پڪو‘.
*******************

·       حوالا/ ذريعا
×     ام ڪلثوم شاه، ڊاڪٽر (2004) شاه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاره ۽ تشبيهه نگاريءَ جو تحقيقي جائزو. ڪراچي يونيورسٽي: شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر.
×     بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1981) جامع سنڌي لغات. جلد: 2. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
×     بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (2004) نئين جامع سنڌي لغات: جلد پهريون. حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.
×     رستماڻي ضرار، پروفيسر (2017) ڪليات احمد (مولوي احمد ملاح) ڀاڱو پهريون ۽ ٻيون. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.
×     عباسي ظفر (2007) سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
×     عباسي ظفر (2007) سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
×     فيروزالدين (1979) فيروز اللغات- عربي اردو. لاهور: فيروز سنز لميٽيڊ.
×     مرزا، قليچ بيگ (2016) علم عَروض. ڄامشورو: مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي.
×     نور الحسن نير، مولوي [1972] 2002. نور اللغات. جلد اول. اسلام آباد: نيشنل بُڪ فائونڊيشن.

No comments:

Post a Comment

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس مڪرّر‘ جو جائزو

ڊاڪٽر الطاف جوکيو مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس مڪرّر‘ جو جائزو ·        اڀياس جو پس منظر سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ لاڙ جي ...